ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوت - ڪتاب

ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوت - ڪتاب

ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوت

ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوت (سنڌي ٻوليءَ جون لپيون) (ڪتاب ):سنڌ جي ٻوليءَ جي عالم ۽ لسانيات جي ماهر (ڀاشا وگياني) ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو هيءُ ڪتاب، ٻوليءَ جي سرشتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لپين بابت هڪ تاريخي ۽ مستند ڪتاب آهي. هن ڪتاب جا ست باب آهن. پهريون باب ”ٻوليءَ جي سرشتي“ بابت آهي، جنهن ۾ ٻولي ڇا آهي؟ ٻوليءَ جي بناوت ۽ بيهڪ، شبد ڀنڊار، انسان ۽ ٻين ساهه وارن جي ٻوليءَ ۾ فرق ۽ ٻوليءَ جون مکيه خاصيتون، ٻولي ۽ سماج، ٻوليءَ جو استعمال، زنده ٻوليءَ ۾ لازمي تبديلي، وياڪرڻي روپن جي تبديل، ٻولي ۽ علائقائي لهجا وغيره بيان ٿيل آهن. ٻئي باب ۾ ٻولي ۽ لکاوٽ ۽ حرف ۽ ان جي بدليل روپ، روايتي صورتخطي ۽ لکت ۽ معياري ٻولي بابت ذڪر آهي. ٽئين باب ۾ لکاوٽ جو اتهاس ۾ ٻوليءَ جي لکڻ جا نمونا: چترلپي (Pictography)، ڀاوَ- ليک (Ideography)، آوازي لکاوٽ (Phonetic writing) ۽ ورڻ يا حرفي لکاوٽ (Alphabetic writing) سان گڏ ننڍي کنڊ جي لپين جو اتهاس پيش ڪندي، سنڌو سڀيتا لپي ۽ براهمي لپيءَ جي اوسر بيان ڪيل آهي. چوٿين باب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لپين جو تفصيل ڏنو ويو آهي، سنڌو لپي (موهن جي دڙي جي لپي)، کروشتي لپي، برهمي لپي ۽ ناگري لپي. گڏوگڏ انگريزن جي دور ۾ لکجندڙ لپين جي نمونن (خدا آبادي، شڪارپوري، ساکرو، ڀاٽيا، خواجڪي، ٺٽئي، ڪڇي) ۽ عربي سنڌي لپيءَ سان گڏ سنڌي لپي ۽ ٻين آڳاٽين لپين بابت مواد موجود آهي. پنجين باب ۾ عربي- سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا جي دور تي بحث ڪيو ويو آهي، ڇهين باب ۾ انگريزي دور ۾ عربي سنڌي لکاوٽ ۽ ان جي جديد ترتيب تي تنقيدي نظر وڌي وئي آهي. جڏهن ته ستين باب ۾ برصغير جي آزاديءَ کان پوءِ عربي سنڌي صورتخطيءَ جو سنڌ ۽ هند جي تناظر ۾ جائزو ورتو ويو آهي. هي ڊيمي سائيز جو ڪتاب 208 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 130 رپيا آهي، ان جو پهريون ڇاپو اکل ڀارت سنڌي ساهتيه ودوت پريشد، دهلي (انڊيا) پاران شايع ڪيو ويو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو